وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ڪامياب دوري کانپوءِ ڏيهه پهچي ويو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ڪامياب دوري کانپوءِ ڏيهه پهچي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم جي وطن واپس پهچڻ جو اطلاع ڏيندي چيو ته پاڪستان۽ سعودي عرب معاشي، واپاري ۽ سفارتي واسطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوي تي سعودي عرب ويو هو، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ون آن ون ۽ وفد جي سطح تي ملاقاتون ڪيون، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ مختلف معاهدن تي صحيحون به ٿيون، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ۽ ان سان گڏ ٻين ماڻهن به عمري جي سعادت به حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔