لاھور: نواز ليگ ايم اين اي جاويد لطيف جَي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ

لاھور: لاهور جِي عدالت نواز ليگ ايم اين اي جاويد لطيف جَي جسماني رمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، جاويد لطيف عدالت کي ٻڌايو ته سندس وڪيلن وڪالت نامه واپس وٺي ڇڏيا آهن، رمانڊ منظور ٿيڻ بعد پوليس جاويد لطيف کي عدالت مان وٺي وئي، نون ليگ ايم اين اَي جاويد لطيف مٿان رياست مخالف بيان جو الزام آهي، ٻئي پاسي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جاويد لطيف، متحده لنڊن جي سربراهه ۽ ڪالعدم بي ايل اي جي بيانيي ۾ ڪوبه فرق ناهي، شاهد خاقان عباسي به جاويد لطيف جي پاڪستان نه کپي واري بيان جي مذمت ڪئي، جاويد لطيف پنهنجي بيان تي غير مشروط طور معافي وٺي، آئين جو آرٽيڪل 5 شهرين جي رياست سان وفاداري لازمي قرار ڏئي ٿو، اُن آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔