بجلي 64 پيسا في يونٽ سستي ٿي وئي

اسلام آباد: بجلي 64 پيسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي آهي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب مارچ جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 64 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کي ريليف مئي جي بلن ۾ ڏنو ويندو پر ماهوار 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي ريليف نه ملندو.
نيپرا جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ماهوار 50 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدار کي به ريليف نه ملندو ۽ فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔