قطر جي ناڻي واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو

دوحا: قطر جي ناڻي واري وزير کي اختيار اورانگهڻ ۽ پبلڪ فنڊن جي غلط استعمال جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
عرب خابرو اداري موجب قطر جي ناڻي واري وزير علي شريف العمادي جي خلاف اختيار اورانگهڻ ۽ پبلڪ فنڊن جي غلط استعمال جي جاچ جاري هئي جنهن ۾ هن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ويا جڏهن ته ناڻي واري وزير جي گرفتاري کان پوءِ هن کي فوري طور تي ذميوارين تان فارغ ڪيو ويو آهي.
قطري نيوز ايجنسي موجب پبلڪ سيڪٽر ۽ ٻيا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قطري اٽارني جنرل ناڻي واري وزير جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا جڏهن ته ناڻي واري وزير جي خلاف جاري جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔