ڪورونا جي ٽئين لهر؛ ملائيشيا، پاڪستان مٿان سفري پابندي مڙهي ڇڏي

ڪوالالمپور: ملائيشيا ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر سبب پاڪستان تي سفري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ملائيشيا حڪومت طرفان جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي بنگلاديش، سري لنڪا ۽ نيپال جي شهرين تي سفري پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي. اعلان موجب نيپال ، سري لنڪا ، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي شهرين مٿان ملائيشيا ۾ داخلا تي پابندي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔