ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 17 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد: ملڪ ۾گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ٻيهر 0.50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 17.05 سيڪڙو ٿي وئي.
شماريات واري اداري جي جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ اٽي، ٽماٽي، کنڊ، مڱن جي دال، تازي کير، ڳئون جي گوشت، ٻڪري جي گوشت، ڀاڄين، گيهه، خشڪ کير، ڳڙ، سرنهن جي تيل ۽ ٻين 18 ضرورت جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. بيضن، پٽاٽن، بصرن، ٿوم، ايل پي جي ۽ چڻن جي دال سميت 7 شيون سستون ٿيون آهن جڏهن ته 26 ضرورت جي شين جا اگهه مستحڪم رهيا.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفت دوران سالياني بنيادن تي 17 هزار 732 رپيا ماهوار تائين آمدني رکندڙ طبقي جي لاءِ مهانگائي جي شرح ۾ 19.81 سيڪڙو، 17 هزار 733 رپين کان 22 هزار 888 رپيا ماهوار تائين آمدني رکندڙ طبقي جي لاءِ 17.15 سيڪڙو، 22 هزار 889 رپين کان 29 هزار 517 رپيا ماهوار تائين آمدني وارن لاءِ 16.23 سيڪڙو، 29 هزار 518 رپين کان 44 هزار 175 رپيا ماهوار تائين آمدني رکندڙ طبقي جي لاءِ مهانگائي جي شرح ۾ 16.40 سيڪڙو رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔