پي ايس ايل جون رهيل مئچون ابوظهبي ۽ دبئي ۾ ڪرائڻ تي غور

لاهور: پي ايس ايل جون رهيل مئچون ابوظهبي ۽ دبئي ۾ ڪرائڻ تي غور شروع ٿي ويو. تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي ايس ايل جي فرنچائز جي اجلاس ۾ نئين ميدان بابت غور ويچار ڪيو ويو. ورچوئل اجلاس جي صدارت پي سي بي چيئرمين احسان ماني ڪئي جڏهن ته سمورين فرنچائز جا نمائندا ۽ پي سي بي جا عهديدار شريڪ ٿيا. پي سي بي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين احسان ماني فرنچائز مالڪن کي چيو ته ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال سبب رهيل مئچون ڪراچي ۾ ڪرائي نٿا سگهون. ذريعن موجب چيئرمين چيو ته گڏيل عرب امارتن جي انتطاميا کي پهرين خط لکي چڪا آهيون ته اتي مئچون ڪرائڻ ممڪن آهي يا نه؟ هن چيو ته جواب ملڻ بعد حتمي شيڊول جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔