ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جي ڳڻپ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري

ڪراچي :ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جي ڳڻپ اڄ ٻئي ڏينهن به جاري، گذريل ڏينهن 60 پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ڪئي وئي هئي، بائيڪاٽ ڪندڙ نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا حامي اُميدوار ٻئي ڏينهن ڳڻپ ۾ شامل ٿي ويا، نواز ليگ اڳواڻ محمد طارق جو ايجنٽ علي دانش، آزاد اُميدوار زاهد خان جو پولنگ ايجنٽ مسعود خان، پي ٽي آءِ جي امجد آفريدي جي ڪورنگ اُميدوار ليليٰ پروين جو ايجنٽ آصف خان به ووٽن جي ڳڻپ ۾ شامل ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن جي عملي طرفان ووٽن جي ڳڻپ اڄ مڪمل ڪرڻ جا امڪان آهي، پي ٽي آءِ ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ نواز ليگ ووٽن جي ڳڻپ روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔