بحريا ٽائون انتظاميا جي چڙهائي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڳوٺاڻا زخمي

ملير: بحريه ٽائون انتظاميه پوليس جي مدد سان ڪمال خان جوکيو ڳوٺ تي ٻيهر چڙهائي ڪئي.ان موقعي تي فائرنگ پڻ ڪئي، جنهن سان علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. اطلاعن موجب 2 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٽن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪيو ويو، زخمي ڳوٺاڻن کي بحريا ٽائون انتظاميا پاڻ سان گڏ کڻي وئي. زخمين ۾ انور ۽ شوڪت خاصخيلي شامل، جڏهن ته گرفتار ٿيلن ۾ عباس، رسولي ۽ شوڪت شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔