لاهور هائي ڪورٽ: شهباز شريف کي طبي بنيادن تي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

لاهور: نواز ليگ جي صدر شهباز شريف کي طبي بنيادن تي علاج لاءِ هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. لاهور هائيڪورٽ ۾ اڄ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. شهباز شريف موقف اختيار ڪيو ته کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃن جي اجازت ڏني وڃي، سندس ڊاڪٽر سان اپائنٽمينٽ ٿي چڪي آهي، ان بابت حڪومتي وڪيل جو چوڻ هو ته شهباز شريف هتي ملڪ ۾ به علاج ڪرائي سگهي ٿو، جنهن تي شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته هو پهريان به پرڏيهه ويو هو ۽ واپس آيو هو ۽ بطور پاڪستاني سندس حق آهي ته هو پرڏيهه وڃي پنهنجو علاج ڪرائي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته آئون ڪو سمگلر يا دهشتگرد ناهيان، منهنجو نالو بدنيتي جي بنيادن تي بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو آهي، مونکي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيئن ئي ڊاڪٽرن مونکي واپسي لاءِ چيو ته آئون هليو ايندس. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته سڀاڻي شهباز شريف جي فلائيٽ آهي، سومر تي اپائنٽمينٽ آهي، ڪورونا جي صورتحال سبب داڪٽر جو ملڻ تمام مشڪل آهي، جنهن بعد عدالت مشروط طور 5 جون تائين هڪ ڀيرو شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔