بيڪري، ڪريانه، کير، گوشت جا دڪان شام 7وڳي بند ٿيندا: نئون حڪم نامو جاري

ڪراچي: سنڌ جي گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز بابت پابندين جو نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز تحت 9کان 16مئي تائين نيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا سياحتي ماڳ عيد تائين بند رهندا، 9 کان 16 مئي تائين صوبي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽس بند رهندا، نوٽيفڪيشن موجب، نجي گاڏين، ٽئڪسي ۾ اڌ سيٽون خالي رکڻيون پونديون، ريسٽورنٽس صبح 5 کان شام 7وڳي تائين کليل رهندا، عيد بازار، چنڊ واري رات تي لڳايون ويندڙ بازارون بند هونديون، بيڪري، ڪريانه اسٽور، کير، گوشت، سبزي جا دڪان صبح 5کان شامل 7وڳي تائين کليل رهندا، ريسٽورنٽس کي رڳو هوم ڊليوري جي اجازت هوندي، نوٽيفڪيشن موجب، انٽرسٽي، بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ 16مئي تائين بند رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔