سنڌ سرڪار پاران آچر کان 8 ڏينهن لاءِ ڪاروبار مڪمل طور بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ سرڪار جي فيصلي تحت صوبي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي شام جو 6 وڳي تائين ڪاروبار کُليل رکيا ويندا، آچر کان 8 ڏينهن لاءِ ڪاروبار مڪمل طور بند رکيو ويندو، ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 40 دڪاندار گرفتار، 5 ڪيس داخل ۽ 7 دڪان سيل ڪيا ويا، پاڪستان چوڪ ۽ آرام باغ ۾ 2 پرنٽنگ پريس سيل، ڊي ايڇ اي ۾ ريسٽورنٽ، 13 سيلون ۽ 2 جِم به سيل ڪيا ويا، ماسڪ نه پائڻ تي 10 ڄڻن مٿان 5 هزار رُپيا ڏنڊ، اسلام آباد ۾ اڄ شام 6 وڳي کان مڪمل لاڪ ڊائون، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ اڄ کان 16 مئي تائين لاڪ ڊائون، کاڌي پيتي جي شين، ميڊيڪل اسٽورز ۽ پيٽرول پمپس کُليل رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔