وفاقي حڪومت سنڌ کي صحرا بڻائي ڇڏيو آهي، سي جي لنڪ ڪينال بند ڪريو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي حوالي سان وفاقي حڪومت مٿان شديد تنقيد ڪندي سي جي لنڪ ڪينال بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نااهل پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جو ڪيس وڙهيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت مجبور ٿي تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪينال بند ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارسا واحد ادارو آهي جيڪو واٽر اڪارڊ تحت پاڻي جي ورڇ جي نگراني ڪري ٿو. پاڻي ورڇ ۾ سندن من مانيون نه هلنديون، هن چيو ته منگلا ڊيم کي طئي ٿيل تڪراري فارمولي کان وڌيڪ ڀرڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيو، نوبت اها آهي جو سکر بيراج ۾ پاڻي 27 سيڪڙو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي 44 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب گڊو بئراج مان پاڻي جي فراهمي منقطع ٿي وئي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصفاڻي ورڇ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، عمران خان سنڌ جي هيٺين حصن کي صحرا ۾ بدلائي ڇڏيو، آهي، ڪراچي ، ٺٽي ، سجاول ، بدين ۽ ٿرپارڪر جو پاڻي بند ڪري پي ٽي آءِ حڪومت سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو حل نه ڪڍيو ويو ته ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔