عمران خان غلطين جو اعتراف ڪري ورجائي آهي، هي ملڪ آهي ڪلاس روم نه: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي هدايت تي عمران خان رپئي جو قدر ڪيرائي بدترين فيصلو ڪيو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف تي هاڻ نظرثاني جي بدران پهرين اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ معيشت ائين تباهه نه هجي ها، پي ٽي آءِ جو آءِ ايم ايف ڊيل ۾ پنهنجي غلطي کي قبول ڪرڻ ڪافي ناهي، عمران خان کي قوم کان معافي گهرڻي پوندي، ملڪ ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سبب عمران خان جا غلط فيصلا آهن، وزير اعظم ڪنهن ٻئي کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهي پاڻ بچي نٿو سگهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته آءِ ايم افي سان غلط ڊيل جو اعتراف ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان وٽ هڪ اهل حڪمران واري سوچ ناهي، پهرين آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پاسو ڪرڻ جو بچاءُ ڪيو پوءِ دير سان معاهدو ڪري غلط ڊيل ڪئي ۽ هاڻ ان تي به پي ٽي آءِ يوٽرن وٺي ڇڏيو، عمران خان غلطيون ڪندو آهي، غلطين جو اعتراف ڪندو آهي، هي ملڪ آهي ڪا ڪلاس روم ناهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي آءِ ايم ايف جي هدات تي عوام کان 1200 ارب رپين جو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي ناڪام سازش ڪندو، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي، گيس ۽ پيٽرول مهانو ڪرڻ کان پوءِ عمران خان چوي ٿو ته هو پنهنجي فيصلن ۾ آزاد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔