مولانا فضل الرحمان سان پ پ وفد جي ملاقات

اسلام آباد: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پ پ وفد ملاقات ڪئي آهي. پ پ وفد راجا پرويز اشرف جي اڳواڻي ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پي ڊي ايم جي مستقبل ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان حوالي سان جي يو آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پ پ وفد راجا پرويز اشرف جي قيادت ۾ مولانا فضل الرحمان جي عيادت ڪئي. اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف پي ڊي اي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن ساڻس عيادت ڪئي ۽ صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔