علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ ڏنو وڃي: شهباز شريف جو لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو

لاهور: مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ ۽ بليڪ لسٽ مان پنهنجو نالو خارج ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. شهباز شريف علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ ۽ بليڪ لسٽ مان پنهنجو نالو خارج ڪرائڻ لاءِ سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايڊووڪيٽ امجد پرويز جي ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هن کي آشيانه اقبال ۽ رمضان شگر ملز ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملي جنهن کان پوءِ هو پرڏيهه هليو ويو ۽ واپس به اچي ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، حڪومت کي نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اعظم نذير تارڙ درخواست ۾ چيو ته شهباز شريف ڪينسر ۾ مبتلا رهيو آهي، هن جو چيڪ اپ لاءِ ٻاهر وڃڻ ضروري آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي علاه لاءِ پرڏيهه وڃڻ واري ۽ بليڪ لسٽ مان نالو خارج ڪرائڻ واري درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس علي باقر نجفي سڀاڻي 5 مئي تي شهباز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔