پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ قرض جي حد ۾ 5 ڪروڙ رپين تائين واڌ

اسلام آباد: حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن لاءِ قرض جي حد 5 ڪروڙ رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ڪامياب جوان پروگرام بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪامياب جوان پروگرام ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو. ڪامياب جوان پروگرام تحت رقم جي ورهاست لاءِ هاڻ چار مختلف درجي بنديون طئي ڪيون ويون آهن، نوجوانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب رپين جي رقم تڪڙي ورهائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. اڳتي لاءِ 10 بدران 20 لک رپين جي رقم بنا سيڪيورٽي جي فراهم ڪئي ويندي، ٽين ڪيٽيگري ۾ رقم جي حد 20 لکن مان وڌائي اڍائي ڪروڙ رپين تائين هوندي، چوٿين ڪيٽيگري ۾ 5 ڪروڙ رپين تائين قرض فراهم ڪيو ويندو. 15 جون تائين وفاقي ڪابينا ۽ اي سي سي کان انهن تبديلين جي منظوري ورتي ويندي ۽ هن ئي سال بجيٽ ۾ رقم رکي ويندي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جو چوڻ آهي ته ڪامياب جوان ملڪي معيشت ۽ انڊسٽري لاءِ انقلابي پروگرام ثابت ٿيندو، بئنڪ قرض جي ورهاست جو عمل بنا دير تيز ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔