پنجاب حڪومت جو اسٽامپ پيپرز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب حڪومت اسٽامپ پيپرز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻ ملڪيتن جي رجسٽري سادي ڪاغذن تي ٿيندي. بورڊ آف ريونيو جي ميمبر بابر حيات تارڙ موجب ملڪيتن جي رجسٽري سادي ڪاغذن تي ٿيندي، اڇي ڪاغذ تي لکيل رجسٽري تي ٽي ڀيرا ڪوڊ هنيو ويندو، فيصلي تي هن سال سڄي پنجاب ۾ عملدرآمد شروع ٿيندو. بابر حيات تارڙ چيو ته اسٽامپ پيپرز ختم ٿيڻ سان حڪومت کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت ٿيندي، رجسٽري داخل ڪندڙ آفيسر ان جو ٽرانسفر به لکندو. هن چيو ته سمورا پٽوار خانا سرڪاري عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، زرعي انڪم ٽيڪس ۽ آبيانه سميت ٻين ٽيڪس نه ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔