اسان جو انصاف جو نظام طاقتور کي نٿو پڪڙي سگهي: وزيراعظم

لاهور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ ننڍي ايليٽ ڪلاس پنهنجي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اسان جو انصاف جو نظام طاقتور کي نٿو پڪڙي سگهي. لاهور پنجاب پيري اربن هائوسنگ منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ڪورونا سبب پريشان آهي، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ماڻهو روڊن تي مَري رهيا آهن، اسان ڪورونا سبب ڳڻتي جوڳي صورتحال مان گذري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ٻه هفتا اهم آهن، اسان کي ڪورونا ڪيسن جي شرح کي هيٺ آڻڻو آهي، سڀني کي تاڪيد ٿو ڪيان ته ماسڪ جو استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ ننڍي ايليٽ ڪلاس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جيل ۾ رڳو غريب ماڻهو ويندا آهن، جن وٽ وڪيل لاءِ پئسا ناهن، جڏهن ته اسان جو انصاف جو نظام طاقتور کي نٿو پڪڙي سگهي، طاقتور ڪرپشن جو حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پي ڊي ايم جي نالي سان ٺهيل يونين جو مقصد اين آر او وٺڻ آهي، اسان کي طاقتور کي قانون هيٺان آڻڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ عام ماڻهو جي رهائش جي حوالي سان نه سوچيو ويو، اڌ ڪراچي ڪچين آبادين تي ٻڌل آهي، جتي غريب ماڻهو پيا رهن، پاڪستان ۾ رڳو 0.2 سيڪڙو ماڻهن کي گهرن لاءِ قرض ڏنو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔