پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جي تياري ۽ پيڪنگ شروع

اسلام آباد: پاڪستان ۾ پهرين ڪرونا ويڪسين جي تياري ۽ پيڪنگ شروع ڪئي وئي آهي.صحت بابت قومي وزارت جي اختيارين موجب ڪين سائنو ويڪسين جي فارموليشن ۽ پيڪنگ شروع ڪئي وئي آهي. اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين مقامي طور تي فارموليٽ ٿيندڙ ويڪسين عوام جي لاءِ ميسر هوندي.اختيارين موجب هلندڙ مهيني جي آخر تائين اين آءِ ايڇ هڪ لک کان وڌيڪ ڪورونا ويڪسين جون خوراڪون تيار ڪري وٺندو.صحت واري وزارت جي اختيارين جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته سنگل ڊوز ويڪسين ڪين سائنو جون هڪ لک 20 هزار خوراڪن جو خام مال 4 ۽ 5 مئي جي وچولي رات پاڪستان پهتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔