ايسٽرازينيڪا جون ٻارنهن لک کان وڌيڪ خوراڪون ڇنڇر تي پاڪستان پهچنديون

ڪراچي: ڪورونا جي تحت برطانوي ويڪسين ايسٽرازينيڪا جي پهرين کهيپ ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان پهچي ويندي.وفاقي صحت واري وزارت جي اختيارين ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته برطانوي ويڪسين ايسٽرازينيڪا جي پهرين کهيپ 12 لک 38 هزار خوراڪن تي ٻڌل آهي جيڪا ڏکڻ ڪوريا کان قطر ايئرلائن جي اڏام ذريعي اسلام آباد پهچندي.اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايسٽرازينيڪا ويڪسين سان گڏ 12 لک 39 هزار سرنجون به مهيا ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ مهيني ايسٽرازينيڪا ويڪسين جون 12 لک 38 هزار ڊوزز تي ٻڌل ٻئي کهيپ به پاڪستان پهچي ويندي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي تحت پاڪستان کي ايسٽرازينيڪا ويڪسين جون 25 لک کان وڌيڪ خوراڪون مارچ ۾ ملڻيون هيون. پر هندستان جي سيرم انسٽيٽيوٽ آف انڊيا، جتي اها ويڪسين تيار ٿي رهي آهي انهن پاڪستان کي ويڪسين سپلاءِ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.اختيارين موجب پاڪستان ۾ هينئر تائين 30 لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ گهڻن ماڻهن کي ٽي مختلف چيني ويڪسين لڳايون ويون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ 50 هزار ماڻهن کي غير سرڪاري طور تي روسي ويڪسين اسپوٽنڪ به لڳائي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔