وڏي وزير جي صدارت ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اھم اجلاس

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو تھ اڄ کان نجي اسپتالن کي ڪورونا وئڪسين ڏني ويندي ۽ اها مفت ۾ لڳائي ويندي، ڪورونا ڪيس ڪراچي ۾ وڌي رهيا آهن، وڏي وزير جو چوڻ ھو تھ جن اسپتالن ۾ سهولتون گهٽ آهن، انهن کي فوري طور تي پورو ڪيووڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔