وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي عرب جي دوري لاءِ روانو ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي عرب جي 3 ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿيندو.

وزيراعظم سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينه ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو.

ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاهد حفيظ  چيو آهي ته دوري دوران علاقائي ۽ گڏيل تعاون جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. وزيراعظم معيشت، توانائي، واپار، سرمائيڪاري تي سعودي قيادت سان ڳالهيون ڪندو.

هن چيو ته وزيراعظم جي سعودي قيادت سان ڳالهين ۾ ٻطرفن لاڳاپن  جي شعبن کي به شامل ڪيو ويندو. ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ بين الاقوامي معاملن تي به ڳالهيون ڪنديون. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔