خوشاب جي ننڍي چونڊ تي مريم نواز جو ردعمل سامهون اچي ويو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز پنجاب اسيمبلي جي خوشاب واري سيٽ جي ننڍي چونڊ ۾ ليگي اميدوار جي ڪاميابي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

پي پي  84 خوشاب جي ننڍي چونڊ جي 229 مان 228 پولنگ اسٽيشنز جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن جنهن مطابق ن ليگ جو اميدوار محمد معظم شير ڪلو 72 هزار 655 ووٽ کڻي سڀني کان اڳيان آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جو علي حسين خان بلوچ جنهن 62 هزار 573 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي.

ن ليگ جي فتح کي ويجهو ڏسندي مريم ٽوئٽر تي پنهنجو ردعمل ڏنو آهي، مريم شينهن جي جف هئين آهي جنهن ۾ شينهن ايندو آهي ۽ ان سان گڏ لکيو آهي ته خوشاب ۾ ڪير اچي رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته نواز شريف کي مائنس ڪرڻ وارئو الله جا ڪم ڏسو، صرف نوازشريف وڃي بچيو آهي باقي مائنس ٿي ويا آهن. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔