سنڌ جي نجي اسپتالن ۾ اڄ کان مفت ۾ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي : سنڌ جي نجي اسپتالن ۾ اڄ کان مفت ۾ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران صوبي ۾ آچر کان عيد جي موڪلن تائين پابندين ۾ وڌيڪ سختيون ڪرڻ جو فيصلو، سڀاڻي کان آچر تائين سج لٿي تائين ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي، سج لٿي بعد ريسٽورنٽس رڳو هوم ڊليوري ڪري سگهندا، عام واهپي جي شين جا دڪان شام 6 وڳي تائين کُليل هوندا، عيد تي هاڪس بي ۽ سي ويو بند ڪرڻ جو فيصلو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس کي بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته هوٽل قرنطينه جون سهولتون بحال ڪيون پيون وڃن، ڪالهه کان ڪراچي ۾ڪورونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 14.23 رڪارڊ، حيدرآباد ۾ ڪيسز ج شرح 18.1 مان گهٽجي 11.91 ٿي وئي، وڏي وزير طرفان اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي هدايت، ڪورنا ڪيسز کي ڊيل ڪندڙ سمورين اسپتالن جي اوزارن ۽ عملي جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔