ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 108 مريض فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 108 مريض حياتي وڃائي ويٺا، پنجاب سرڪار طرفان صوبي ۾ اڄ کان 16 مئي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان، خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا ڪيسز وڌڻ تي پنجاب جهڙيون پابنديون لاڳو، هر قسم جي ٽرانسپورٽ تي پابندي هوندي، سياحت ماڳ ۽ ڪاروباري مرڪز بند رکڻ جو حڪم، سنڌ ۾ بين الضلعي ٽرانسپورٽ تي پابندي جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائيون، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، بدين، شڪارپور، نواب شاه ۽ خيرپور ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽ مٿان ڏنڊ، صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 15 مسافر گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون، مجموعي طور 50 هزار ڏنڊ به لڳايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔