ڀارت ۾ ڪورونا وگهي پهرين پرڏيهي سفارتڪار جي فوتگي

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا وائرس وگهي تنزانيه جو سفارتفڪار فوت ٿي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب تنزانيه جي سفارتڪار جي ڪورونا وائرس وگهي فوتگي ڀارت ۾ وبا دوران ڪنهن به پرڏيهي سفارتڪار جي پهرين فوتگي آهي. تنزانيه جي هاءِ ڪميشن پنهنجي سفارتڪار جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڀارت ۾ تنزانيه جو ڊفينس ايڊوائزر ڪرنل ڊاڪٽر موسيس 28 اپريل تي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو. تنزانيه جي هاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر موسيس نئين دهلي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.ڀارت ۾ تنزانيه جي سفارتڪار جي ڪورونا وگهي فوتگي اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن ڀارت ۾ گذريل هڪ هفتي کان ڪورونا جا رڪارڊ ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن جنهن جو روزاني انگ 4 لک کان به مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي به ڪورونا سبب سخت متاثر ٿي آهي.نئين دهلي ۾ موجود ڪيترائي پرڏيهي سفارتڪار هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ فلپائن جي مشنز به انڊين يوٿ ڪانگريس کان آڪسيجن جي مدد طلب ڪئي هئي. ڀارتي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو هو ته ڀارت طرفان ملڪ ۾ موجود سفارتي عملي کي ضروري طبي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه ڪجهه ملڪن ڀارت ۾ صورتحال کي ڏسندي پنهنجي سفارتي عملي کي ڪڍڻ شروع ڪري ڏنو آهي. جنهن سلسلي ۾ ٿائيلينڊ جي حڪومت گذريل هفتي ايئرايمبولينس جي ذريعي پنهنجي سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔