واٽس ايپ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن: انٽرنيٽ جي ذريعي پيغام پهچائيندڙ ايپ واٽس ايپ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. هاڻ واٽس ايپ تي وڊيو ۽ تصويرن کي وڏي فارميٽ ۾ ڏسڻ ممڪن ٿي سگهندو.فيچر جو مقصد تصويرن کي کولي ڏسڻ جي بجاءِ پوري تصوير چيٽ جي اندر ئي نظر ايندي ۽ تصوير کي ڪلڪ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي. نئون فيچر واٽس ايپ وڊيو کي به ائين ئي ڏيکاريندو انتظاميه موجب ايپ ۾ تصويرون ۽ وڊيوز اڳ کان وڌيڪ وڏيون هجڻ سان ڪابه اڻ مڪمل تصوير نه ڏسي سگهندو.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ تي وائس ميسج جي جديد فيچر تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت صارف هاڻ ڪنهن به شخص کي وائس نوٽ موڪلڻ کان اڳ ٻڌي سگهندو. ان کان اڳ واٽس ايپ ۾ اهڙو ڪوبه آپشن موجود نه هو ۽ صارف جي آڊيو ميسج موڪلڻ کان پوءِ جيڪڏهن تبديلي ڪرڻي پوندي هئي ته موڪليل ميسج کي ڊيليٽ ڪرڻو پوندو هو.واٽس ايپ ۾ ميسج موڪلڻ کان پوءِ ريويو جو آپشن موجود هوندو جنهن کي استعمال ڪندي صارف پنهنجي ميسج جو ٻيهر جائزو وٺي سگهندو. جيڪڏهن اها آڊيو مناسب نه رهي ۽ ان ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻي هجي ته اها آساني سان ڪينسل ڪري ٻيو ميسج رڪارڊ ڪري سگهبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔