اڳوڻي سينيٽ ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف ڪڊني هلز ريفرنس ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا ۽ ٻين خلاف ڪڊني هلز ريفرنس ڪيس ۾ 265 ڊي جي درخواستن تي دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه عدالت ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا پيش نه ٿيو، سندس جاءِ تي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪئي وئي، جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران شريڪ جوابدار اعجاز هارون جي طرفان نيب پاران لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي سندس وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب پنهنجي الزامن ۾ 144.2 ملين رپين جي بينڪ ٽرانزيڪشن ٿيڻ جو الزام لڳايو آهي، منهنجي ڪلائينٽ جو جعلي بينڪ اڪائونٽس سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪڏهن جعلي اڪائونٽ مان ادائگي ڪئي وئي آهي ته پيسا وٺڻ وارو ان جو ذميوار نه هوندو آهي، جنهن زمين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اها ڪراچي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي کي 1954 ۾ ليز تي ڏني وئي، عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔