مصطفيٰ ڪمال پاڻ حڪومتي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو:عمران اسماعيل

ڪراچي : ڪمال صاحب جو ڪمال ڪوڙ! گورنر عمران اسماعيل طرفان پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جِي پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت بيان جِي ترديد، سنڌ جي گورنر ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پاڻ حڪومتي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو هو، آئون سندس گهر ڪڏهن به نه ويو آهيان، مصطفيٰ ڪمال اسان جي ليڊر لاءِ ٽپورين واري ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي به مصطفيٰ ڪمال تي تنقيد، حليم عادل شيخ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي کير ۾ مک آڻڻ نٿا گهرون، مصطفيٰ ڪمال پيپلز پارٽي جي ونگار وهي رهيو آهي، عمران اسماعيل ڪڏهن به ساڻس ملاقات ناهي ڪئي، ڪماليا جو ڪمال هاڻي نه هلندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔