اپوزيشن چونڊ سڌارا نٿي چاهي ته روئڻ پٽڻ جو سلسلو به بند ڪري:وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد: اپوزيشن پارٽيز سدائين پرچي جي سياست ڪئي ۽ اقتدار ۾ آيون، ملڪي مفاد ۾ آهي ته هاڻي پرچي جي سياست کان ٻاهر نڪرو، ڪراچي جي چونڊن ۾ نواز ليگ طرفان پ پ مٿان ڌانڌلي جا الزام هنيا پيا وڃن، چونڊ سڌارا نٿا چاهيو ته روئڻ پٽڻ جو سلسلو به بند ڪريو، وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون بابر اعواڻ جي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران اپوزيشن تي تنقيد، فواد چوڌري ۽ بابر اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم چونڊ سڌارن جون تجويزون ڏنيون، سڀني کي خبر آهي ته ڪير چونڊ سڌارن آڏو رنڊڪ بڻيل آهي، چونڊ سڌارن جي مسودي ۾ سياسي پارٽيز اندر جمهوريت لاءِ 2 تجويزون ڏنيون، سياسي پارٽيز کي پابند ڪري رهيا آهيون ته اهي ساليانا ڪنوينشنز منعقد ڪن، نادرا رجسٽريشن ڊيٽا جي بُنياد تي ووٽرز جي فهرست تيار ڪئي ويندي، مسودي ۾ ڪابه اهڙي تجويز نه آهي، جيڪا هڪ سياسي پارٽي جي مفاد ۾ هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔