عوام مهانگائي کان پريشان آهي،وزيراعظم ماڊلنگ ۾ مصروف آهي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي  بازار واري دوري تي رد عمل  ڏيندي چيو آهي ته سموري قوم ڏٺو ته ڪالهه ڪيئن عمران صاحب سائيڪل تي پروٽوڪول کان سواءِ خالي بازارن جو دورو ڪيو. رمضان ۾ عوام بدترين ۽ تاريخي مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ عمران صاحب گانا لڳائي فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.

وزيراعظم گانا لڳائي فلم جي شوٽنگ ڪئي اها عوام کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش آهي.  هن چيو ته عمران صاحب وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي پهرين ڀاڄيون، فروٽ ۽ ٻيون شيون مهانگيون ڪندو آهي. پوءِ بازارن ۾ فلمي انداز ۾ ميڊيا اسٽنٽ ڪري عوام سان ڊراما ڪندو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اوهان جي ماڊلنگ سان اٽو، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوائن جون قيمتون گهٽ نٿيون ٿي سگهن.

اوهان جي فوٽو گرافر کي ايوارڊ ته ڏئي سگهجي ٿو پر مهانگائي جي ماريل عوام کي ريليف نٿو ڏئي سگهجي. ليگي ترجمان چيو ته قوم کي اميد هئي ته اڄ اٽو، کنڊ، ماني، آنا، گوشت، ڀاڄيون، فروٽ سستا ٿي ويا هوندا. پر گانا لڳائي وڊيو رليز ڪري اوهان عوام جي جذٻات ۽ مهانگائي جي قيامت ٽٽڻ تي ان جو مذاق اڏايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔