اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري رکڻ تائين چونڊ سڌارن جو فائدو ناهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته چونڊ سڌارن ۾ قانونسازي جي ضرورت آهي، پر جيستائين اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري نه رکيو ويندو تيستائين چونڊ سڌارن جو ڪو فائدو نه ٿيندو، چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي سان گڏ اهو اتفاق راءِ به ضروري آهي ته سياست ۽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت نه هجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته ن ليگ وٽ ڌانڌلين جو ڪو ثبوت آهي ته هو اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪن، ن ليگ هڪڙي سيٽ هارائي آهي ته فوج جي مداخلت جو مطالبو ٿي ڪري، فوج کي چونڊ عمل جو حصو بڻائڻ سان نه رڳو چونڊون تڪراري ٿين ٿيون پر غير ضروري طور تي فوج به تڪراري بڻجي ٿي. ن ليگ پاران بيلٽ باڪس فوج جي تحويل ۾ ڏيڻ وارو مطالبو غير ذميواراڻو آهي، ان جي حمايت نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڪو رابطو نه ٿيو آهي، پي ڊي ايم ۾ طئي ٿيو هو ته حڪومت خلاف جمهوري هٿيار استعمال ڪنداسين، بزدار خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻينداسين، اتحادين اسان کي چيلينج ڪيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهند، اسان سينيٽ چونڊن ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته رڳو پنجاب ۾ نه پر وفاق ۾ به عدم اعتماد اچي سگهي ٿي رڳو ٿوري همت ڪيو پر ان جي ڳالهه ئي نٿي ڪئي وڃي رڳو استعيفائن ۽ بائيڪاٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان سان حڪومت نه ويندي پر عوام جي مايوسي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ن ليگ استعيفائن جي ته ٻئي هڪ پيج تي آهن. استعيفائون ڏيڻ گهرجن پر ان کان اڳ جمهوري هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن توهان وٽ پنجاب ۾ اڪثريت آهي ته پوءِ بزدار کي چيلينج ڇو نٿو ڪيو وڃي، ٽن سالن تائين اها ڪرمنل سياسي نيگليجنس ڪئي وئي. هڪڙي ڏينهن لاءِ به بزدار حڪومت لاءِ مشڪلات پيدا نه ڪئي وئي، هاڻ اسان کي محسوس ٿئي پيو شايد هنن جو مڪ مڪا آهي، شايد ن ليگ سوچي ٿي ته بزدار جيترو به پنجاب کي نقصان پهچائي ان سان کين سياسي فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔