بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا امڪان

اسلام آباد: بجلي جي اگهن ۾ مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن. بجي جي اگهن ۾ مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهٽتائي جي لاءِ نيپرا ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي، ۽ بجيل جي في يونٽ قيمت ۾ 63 کان 68 پيسا گهٽتائي جو امڪان ظاهر پيو ڪيو وڃي. نيپرا موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهن ۾ 61 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي، پر اٿارٽي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ٻڌڻي کان پوءِ 63 پيسن کان 68 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اٿارٽي سموري ڊيٽا جي جانچ پڙتال کان پوءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ پاڻي سان 19.42 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، مارچ ۾ ڪوئلي مان 30.50 سيڪڙو، فرنس آئل مان 2.62 سيڪڙو، مقامي گيس مان 11.56 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي سان 21.11 سيڪڙو، ايٽمي ذريعن سان 10.49 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، ايٽمي ذريعن سان پيدا بجلي جي قيمت 1 رپيو 2 پيسا في يونٽ رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔