جاويد لطيف جي گرفتاري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور: ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف جي گرفتاري کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. جاويد لطيف جي ڀاءُ ميان امجد لطيف طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سي آءِ اي پوليس جو جاويد لطيف کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، سندس خلاف ٽائون شپ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاويد لطيف جي گرفتاري کان اڳ قومي اسيمبلي اسپيڪر کان منظوري به نه ورتي وئي، قانوني تقاضا پورا ڪرڻ بنا گرفتاري جو ڪو جواز ناهي، عدالت جاويد لطيف جي آزادي ۽ تحفظ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔