عدالت اليڪشن ڪميشن کي فريال ٽالپر نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان روڪي ڇڏيو. فريال ٽالپر جي اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي بابت جاري ڪيس جي ٻڌڻي بابت درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٿي. فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق نائيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس جي بحالي جي درخواست تي اسان ئي ٻڌو ئي نه، اسان کي ٻڌڻ بنا نااهلي ڪيس بحال ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ فريال ٽالپر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ميمبرن ارسلان تاج ۽ رابعا افضل نااهلي جي درخواست داخل ڪئي آهي، ايم پي اي ارسلان تاج ۽ رابعا افضل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس کولي ڇڏيو. درخواست موجب ٻنهي ايم پي ايز جي عدم پيروي تي پاڻ اليڪشن ڪميشن به اڳ درخواست خارج ڪري چڪي آهي، 8 فيبروري تي ٻيهر درخواست تي اليڪشن ڪميشن ٻيهر ڪيس کولي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو 8 فيبروري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪيس ۾ منع نامي جو حڪم جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان روڪي ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔