سنڌ حڪومت جو ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ عمر جي حد ختم ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ لاءِ عمر جي حد ختم ڪئي وڃي. پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪي سمجهي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ ڪورونا تي ضابطو اچي ويو آهي ته ائين ناهي، ايران جي صورتحال پهرين لهر ۾ ڏٺي سين ۽ اڄ به ڏسي رهيا آهيون، ڀارت جي صورتحال به سڀ ڏسي رهيا آهن ته ڪيتري خطرناڪ ۽ پريشان ڪندڙ آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو، زندگي رهي ته ايندڙ سال رمضان المبارڪ به ايندو ۽ عيد به ٿيندي پر ڪير مري ويو ته ان لاءِ رمضان ۽ عيد واپس نه ايندي، حڪومت جي سخت فيصلن دوران شهرين جي سهڪار جي ضرورت به آهي. سندس چوڻ هو ته عوام افطار جي دعوتن هڪ سال انتظار به ڪري سگهي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ گهرن ۾ ويهي عبادتون ڪيو، ماڻهو خريداري لاءِ ٻاهر نڪري رهيا آهن پر انهن کي دڪان مالڪن کي چئي رهيو آهيان ته وڏي عيد به ايندي، احتياط ڪيو، سماجي وٿي رکو، غير ضروري طور گهرن مان نه نڪرو. مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستانين ويڪسين لڳرائي، وفاق کي چوان ٿو ته ويڪسين لڳرائڻ لاءِ عمر جي حد ختم ڪيو، ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي 50 سالن کان گهٽ عمر جا آهن ۽ ويڪسين لڳرائڻ چاهين ٿا، جيڪو به ويڪسين لڳرائڻ چاهي ٿو توهان ان کي ويڪسين ڏيو. هن چيو وفاق کي اها به درخواست ٿو ڪيان ته ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي، يقيني بڻائڻو آهي ته مارڪيٽ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ويڪسين موجود هجي، پي آءِ اي جو ٿورائتو آهيان، جهاز چين وڃي ويڪسين کڻي آيو، جڏهن ته حيثيت رکندڙ ماڻهو نجي سيڪٽرن مان ويڪسين لڳرائن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔