رمضان کان پوءِ پهرين کان وڌيڪ طاقت سان ميدان ۾ هونداسين: فضل الرحمان

اسلام آباد: پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته رمضان کان پوءِ اسان پهرين کان وڌيڪ طاقت سان ميدان ۾ هونداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان پهرين به ميدان ۾ هئاسين، هاڻ به آهيون ۽ اڳتي به رهنداسين. هن چيو ته اسان جڏهن اڪيلا هئاسين تڏهن به ملڪ جي سياست تي ڇانيل رهياسين، هاڻ به جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ هيڏانهن هواڏنهن ٿي وڃي ته به پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ ڪشمير جو سودو ڪري ڪشميرين کي دشمن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو، قوم جي مستقبل جا فيصلا لڪ ۾ ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي، اڄ اسان هر مسئلي تي مفاهمت جا رستا ڳولي رهيا آهيون، انهيءَ مفاهمت جي بنياد تي قوم جا فيصلا ڪيا پيا وڃن. پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه اِهو به چيو ته اسان کي اهڙي قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو جنهن تي قوم اعتماد ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔