پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن وينٽي ليٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن وينٽي ليٽر متعارف ڪرائي ڇڏيو. ايٽمي ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ تيار وينٽي ليٽر کي ”آءِ ليو“ جو نالو ڏنو ويو آهي، ڊريپ وينٽي ليٽر جي تياري ۽ استعمال جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي. پي اي اي سي جو چوڻ آهي ته آئي ليو ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ پهريون وينٽي ليٽر آهي جنهن کي ڊريپ منظور ڪيو آهي، ايٽمي توانائي ڪميشن وينٽي ليٽرز طبي معيارن موجب تيار ڪيو آهي. پي اي اي سي جي ترجمان وڌيڪ چوڻ هو ته وينٽي ليٽر مشين جي جناح اسپتال لاهور ۾ به جانچ ڪئي وئي، جانچ ۾ شامل طبي ماهرن ۽ انجنيئرز وينٽي ليٽر آئي ليو کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔