حڪومت جو آڪسيجن جي مقامي پيداوار ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت آڪسيجن جي مقامي پيداوار ۾ 30 ميٽرڪ ٽن روز واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب صنعتن مان آڪسيجن جي صحت جي شعبي ۾ منتقلي جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي ۽ حڪومت آڪسيجن درآمد ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان روز جي بنياد تي هڪ کان 2 ٽئنڪر آڪسيجن درآمد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ڪراچي ۾ نجي ڪمپني 40 ميٽرڪ ٽن روز جي بنياد تي آڪسيجن جي پيداوار ايندڙ هفتي شروع ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔