اسرائيل نسلي، مذهبي بنيادن تي ڏوهه جو مرتڪب ٿي رهيو آهي:ايڇ آر ڊبليو

يروشلم: انساني حقن جي اداري هيومن رائٽس واچ(ايڇ آر ڊبليو) چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي حدن ۽ والايل علائقن ۾ نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي عربن خلاف ڏوهه جو ذميوار ٿي رهيو آهي.
برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب ايڇ آر ڊبليو نئين رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيل جي پاليسي آهي ته يهودين جي فلسطينين تي برتري هجي ۽ ان ۾ پنهنجا شهري به شامل آهن.
نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي تفريق کي انسانيت خلاف ڏوهه تصور ڪيو ويندو آهي.
ٻئي طرف اسرئيل جي پرڏيهي وزارت رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ انساني حقن جي اداري تي الزام هنيا.
جڏهن ته فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس ايڇ آر ڊبليو جي رپورٽ کي ساراهيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي مداخلت ڪرڻ گهرجي ۽ يقيني بڻايو وڃي ته رياستون ۽ ڪمپنيون ڪنهن به طرح جنگي ۽ انسانيت خلاف ڏوهه ۾ ملوث نه پيون ٿين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔