ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ نه ٿيا ته وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا: فواد چوڌري

اسلام آباد: فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ نه ٿيا ته وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا.

صورتحال ۾ بهتري لاءِ تياري جاري آهي. رپورٽ موجب سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته ڀارت ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي اچ وڃ تي مڪمل پابندي لاڳو آهي.

اها پابندي اپريل جي ٽئين هفتي کان لاڳو آهي ۽ ان تي مڪمل عمل ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾  ڪورونا جي موجوده صورتحال تي چيو ته جيڪڏهن صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته پاڪستان جي اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻ پوندا. ان جي لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 201 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته هن وبا جي شروع کان وٺي هنيئر تائين جو رڪارڊ آهي ته صرف پنجاب ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا وگهي 127 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔