ملڪ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو رڪارڊ ٽوڙيو ويندو: وزيراعظم

ملتان: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو رڪارڊ ٽوڙيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان ملتان جي دوري جي موقعي تي هارين کي خطاب ڪندي چيو ته هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ سان ماڊرن ايگريڪلچر طرف وڃي رهيا آهيون ۽ اسان کي خوشي آهي ته پنجاب حڪومت هارين جي لاءِ  انقلابي قدم کنيا. هن چيو ته اسان جي دور ۾ هارين کي 5 سئو ارب روپيه اضافي مليا ۽ 2 سالن ۾ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس 5 سئو روپيه وڌي. هاري ڪارڊ جي ذريعي ڊي اي پي ڀاڻ تي هارين کي 500 جي بجاءِ 1000 هزار روپين جي سبسڊي هاري ڪارڊ ذريعي گهر ويٺي منتقل ٿي ويندي.

وزيراعظم چيو ته جيترو هاري کي مضبوط ڪنداسين ملڪ اوترو ئي مضبوط ٿيندو. پاڪستان ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي ۽ اسان 2 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون انهن ڊيمن جي ٺهڻ کان پوءِ اضافي پاڻي ايندو ۽ هي تمام وڏو پروجيڪٽ آهي. ڊيمز مان واهن کي وڌيڪ پاڻي ملي سگهندو جنهن سان هاري کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ غربت ڏوراهين علائقن ۾ آهي پر هاڻ اسان جديد زراعت طرف وڌي رهيا آهيون. پاڪستان  ۾ سيڊ ريسرچ تيز ڪئي وئي آهي ۽ دال، سويابين به پاڪستان ۾ پوکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته زراعت جي شعبي ۾  ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هاري پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. وزيراعظم چيو ته سبسڊي مان هميشه غير ضروري ماڻهو فائدو کڻندا آيا آهن پر هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو سبسڊي کي مستحق ماڻهن تائين پهچائين. هاري ڪارڊ شروعات آهي  ماڻهن جي زندگي ٽيڪنالاجي سان آسان ٿيندي ان سان سمورو پيپر ورڪ ختم ٿي ويندو آهي ۽ رشوت به ختم ٿي ويندي آهي.

وزراعظم عمران خان چيو ته هاري ڪارڊ جي ذريعي هارين کي قرض ملندا ۽ فصلن جون قيمتون مقرر ڪرڻ تي به هاري ڪارذ جي ذريعي انهن جي مدد ڪنداسين. لائيواسٽاڪ ۾ اسان اٺين نمبر تي آهيون. کير جي پيداوار گهٽ آهي جنهن ڪري کير مهانگو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔