سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز ۽ سيرينا عيسيٰ جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سيرينا عيسيٰ جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون، معاملو ايف بي آر کي اُماڻڻ وارو فيصلو واپس، سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، 10 رُڪني بئنچ مان 4 ججز فيصلي تي اختلاف ۽ 6 ججز اتفاق ڪيو، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسس قاضي امين طرفان فيصلي سان اختلاف ڪيا ويا، ياد رھي تھ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي 19 جون واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي ھئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔