سائبر ڪرائم سرڪل جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر گرفتار

ڪراچي: ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي جي وڏي ڪارروائي ، سائبر ڪرائم سرڪل ڪراچي جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالغفار خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ٻيو ڪيس داخل ڪري کيس باضابطا طور گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار خلاف اڳ ۾ اينٽي ڪرپشن سرڪل ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هو ضمانت تي هو. ملزم تي هڪ آءِ ٽي ڪمپني مان 63 ملين رپيا وٺڻ جو الزام هو. ملزم کي 14 ملين رپيا مليا ، جنهن جا ثبوت ايف آءِ اي کي حاصل ٿي يوا آهن. گرفتار جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔