سنڌ جا سمورا سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليج سڀاڻي کان 17 مئي 2021 تائين بند رھندا

ڪراچي: سنڌ جا سمورا سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليج سڀاڻي کان 17 مئي 2021 تائين بند رھندا، ڪورونا وائرس جي ٽئين لھر بعد خراب ٿيل صورتحال جي ڪري اين سي او سي جي فيصلي ۽ سنڌ حڪومت جي ھدايتن بعد ڪاليج کاتي پاران فزيڪل ڪلاس بند ھئڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جڏھن ته پرنسپال ڪاليجن جي صفائي سٿرائي لاءِ صرف ضروري اسٽاف گھرائي سگھندا. ٽيچنگ اسٽاف گھرن مان آن لائين ڪلاس ھلائڻ جا پابند ھوندا ته جيئن وبا دوران تعليم جو پورائو ٿي سگھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔