حيدرآباد: عدالت پاران ايڇ ڊي اي کي پراڻي اسٽرڪچر تحت فيون وصول ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ايڇ ڊي اي پاران رهائشي ۽ ترقياتي اسڪيمن جي مختلف شعبن جي منظوري لاءِ وڌايل فين کي روڪي پراڻي شيڊول تحت فيون وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز سب ريجن حيدرآباد پاران ايڊووڪيٽ محمد ارشد پٺاڻ معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ايڇ ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٻين اختيارين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته فين ۾ واڌ سبب اڏاوتي ڪم سخت متاثر ٿيندا ان ڪري فين ۾ واڌ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ايڇ ڊي اي جي فيون وڌائڻ واري نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو آهي ته پراڻي في اسٽرڪچر تحت فيون وصول ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ آباد سب ريجن حيدرآباد جي وائيس چيئرمين ڪاشف شيخ ٻڌايو ته حيدرآباد جي ترقي واري اداري ايڇ ڊي اي جي گورننگ باڊي نومبر 2019ع ۾ پنهنجي 118هين اجلاس جي هڪ ٺهراءُ تحت لي آئوٽ پلان، روائيزڊ لي آئوٽ پلان، ڊمارڪيشن لي آئوٽ پلان، سائيٽ پلان، سب ڊويزنل پلان، عملگيشن پلان، ٽرانسفر ۽ ايڪسٽرنل ڊولپمينٽ چارجز سميت مختلف شعبن جي فين ۾ 250 کان 700 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو هو. ايڪسٽرنل ڊولپمينٽ چارجز ۾ ايڇ ڊي اي پاران سال ۾ 2 ڀيرا اضافو ڪيو ويو ۽ اها في 250 رپين مان وڌائي 1450 رپيا ڪئي وئي. انهن فين ۾ واڌاري تي نه رڳو عام ماڻهن پر آباد کي به ڳڻتي هئي جنهن جي ڪري ايڇ ڊي اي ان نوٽيفڪيشن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ عدالت سندن پٽيشن تي فيصلو ڏيندي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري پراڻي في اسٽرڪچر تحت فيون وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي به فيون وڌايون هيون. ڪي ڊي اي جي ان فيصلي کي به چئلينج ڪيو ويو هو ۽ عدالت 16 مارچ 2021ع تي فيصلو ڏيندي ڪي ڊي اي کي به پراڻي اسٽرڪچر تحت فيون وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان ئي فيصلي کي نظر ۾ رکندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد به اهڙو فيصلو ڏنو آهي جيڪو تحسين قابل آهي. هن چيو ته اهڙي فيصلي سان عمارتن جي اڏاوتي ڪاروبار کي فائدو ٿيندو ۽ ان مان عام ماڻهو به فائدو حاصل ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔