ڪورونا وبا: فوج ملڪ جي هر علائقي ۾ پهچي چڪي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر بابر افتخار چيو آهي ته ڪورونا وبا جي وڌندڙ صورتحال سبب ملڪ ۾ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت سول ادارن جي معاونت لاءِ طلب ڪيو ويو، عوام جو اعتماد اداري جو اثاثو آهي، اسان عوام جي حفاظت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته امن امان جي بنيادي ذميواري سول ادارن جي آهي، پاڪ فوج انهن جي ڀرپور معاونت ڪندي. هن چيو ته هن وقت پاڪ فوج جا جٿا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي چڪا آهن، هر ڊويزنل سطح توڙي ضلعي سطح تي پاڪ فوج جا جٿا پهچي چڪا آهن. موجوده صورتحال ۾ پاڪ فوج ڪنهن به قسم جو انٽرنل سيڪيورٽي الائونس ناهي ورتو. هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺي حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي، سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ماسڪ فيس ۽ سماجي وٿي وارن ضابطن کي يقيني بڻائڻو پوندو، گهرن، مسجدن ۽ سڀني جاين تي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪري هڪٻئي جي حفاظت ڪري سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔