وفاقي ڪابينه جي ڪارروائي آن لائن نظام تي منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه جي ڪارروائي آن لائن نظام تي منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينه جي ڪارروائي آٽوميشن نظام جي تحت ٿيندي جنهن جي لاءِ سمورن ڪابينه ميمبرن کي ٽيبليٽس پي سي فراهم ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينه ميمبرن کي ايجنڊا، سمريون ۽ منٽس آن لائين فراهم ڪيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب آن لائن نظام سان حڪومت کي ساليانو ڪروڙين روپين جي بچت ٿيندي ان سان ڪاغذي استعمال ختم ۽ پرنٽنگ خرچن جي به بچت ٿيندي. جڏهن ته آن لائن سسٽم سان حساس ڄاڻ جي رازداري به يقيني بنائي سگهبي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔