ڪورونا ويڪسينيشن: 40 سالن ۽ وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ رجسٽريشن جو آغاز

اسلام آباد : ملڪ ۾ 40 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ ۽ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. سوشل ميڊيا تي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت اسد عمر چيو ته سڀاڻي کان 40 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي رجسٽريشن کولي پئي وڃي. هن چيو ته 50 کان 60 سالن جي عمر وارن رجسٽرڊ ماڻهن کي واڪ ان ويڪسينيشن جي لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن توهان 40 سالن جي عمر جا آهيو يا ان کان وڌيڪ ، توهان کي پنهنجو پاڻ کي ويڪسينسيشن لاءِ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔